پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ ڇڏايل مور واپس نه ٿيا، وڏي منشي کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي گهر

ڪلوئي: ڪلوئي ۾ ڇڏايل مورن جي 7 جوڙن جا ٻچا واپس نه ٿيا، ڊپٽي ڪنزرويٽر ايس ايس پي کي خط لکي ڪلوئي ٿاڻي جي وڏي منشي کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان سلسلي ۾ ڪلوئي ڀرسان ونگو پوليس چيڪ پوسٽ تي اڇي ڪلر جي ڪار ۾ اهلڪارن پاران پڪڙيل مورن جي 7 جوڙن جا ٻچا کي ڪلوئي ٿاڻي جي وڏي منشي شمشاد سومرو بنا وردي جي سول ڪپڙن ۾ اچي ڇڏائي شڪارين حوالي ڪرڻ جون وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ جو ايس ايس پي نوٽيس ورتو ۽ ايس ايڇ او ٻين کي طلب ڪيو. گذريل ڏينهن ايس ايس پي ٿرپارڪر جي آفيس ۾ وڏو منشي شمشاد سومرو ۽ اي ايس آئي ڄامن پهتا، ايس ايڇ او ڪلوئي نه هئڻ ڪري ايس ايس پي ٻنهي اهلڪارن سان ملاقات نه ڪئي ۽ کين ايس ايڇ او سان گڏجي اچڻ جو حڪم ڏنو. هوڏانهن گيم کاتي جي ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان ايس ايس پي ٿرپارڪر عابد بلوچ کي هڪ ليٽر لکي مورن جي شڪار ۾ ملوث جوابدارن ۽ جوابدارن سان ٻٽ بڻيل ڪلوئي ٿاڻي جي وڏي منشي شمشاد سومرو کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته جهنگلي جيوت جو تحفظ ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي، مورن کي شڪارين جي حوالي ڪندڙ منشي شمشاد سومرو کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ سان معاملي بابت اهم اڳڀرائي ٿيندي. هن چيو ته اسان ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري مورن کي ريڪور ڪنداسين. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته وڏو منشي شمشاد سومرو ڪيتري وقت کان مورن ۽ هرڻن جي شڪارين سان مليل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button