پاڪستانسنڌ

ٻيراڻي ۾ زبردست ثقافتي تقريب، شاگردن جو رقص

ڄام نواز علي: سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٻيراڻي ۾ سيف جي سھڪار سان ھلندڙ انڊس پبلڪ ھائي اسڪول ۾ پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن ۽ استادن ثقافتي ويس پائي شرڪت ڪئي، شاگردن ٽيبلوز پيش ڪري ثقافتي گيتن تي رقص ڪري داد حاصل ڪيو. ان موقعي تي اسڪول جي آپريٽر جاويد الرحمان خطاب ڪندي چيو ته اسڪول ۾ ثقافت جي حوالي سان پروگرام ڪرڻ جو مقصد شاگردن کي سنڌي ثقافت بابت ڄاڻ ڏيڻ آھي. تقريب ۾ شاگردن ثقافت بابت ٽيبلوز پيش ڪيا. سٺي ڪاڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي انعام ڏنا ويا. آخر ۾ پاڪستان ۽ سنڌ جي خوشحالي ترقي ۽ اسڪولن جي ترقي لاءِ دعا گهري وئي. تقريب ۾ فيصل لاکو، اسد وساڻ، علي رضا، امتياز سمون، سجاد علي مگسي، آڪاش خاصخيلي، جمال خاصخيلي، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button