پاڪستانسنڌ

برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب 4 ڳوٺن جو مک رستو بند، احتجاج

عثمان شاهھ ھڙي: عثمان شاھه ھڙي ويجھو يوسي ميرآباد جي ڳوٺن رئيس ساوڻ خان مري، مير جھانزيب ٽالپر، وارث لاشاري ۽ گل مير مري جي ڳوٺاڻن محمد نواز مري، سانوڻ مري، مبين لاشاري، پريم چند، اعجاز مري ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته 4 مھينا اڳ پيل چوماسي برسات دوران اسان جو پورو علائقو برسات دوران مڪمل طور ٻڏي ويو، جنھن سبب ھزارين خاندان دربدر ۽ ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي تباهھ ٿي ويو، پر اڃان تائين ضلعي انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو، جنهن سبب ڳوٺن ڏانهن ايندڙ ويندڙ مک رستا پاڻي ھيٺ آھن، اسان جي علائقي جو وڏي ۾ وڏو ايلچي ڍورو سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، پاڻي بيهڻ سبب ٿڌ وڌيڪ ٿي وئي آهي، برساتي پاڻي سبب مک رستو اڃا تائين بحال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب اسان کي وڏي تڪليف ٿئي ٿي. ھنن ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستي جي ڀرائي ڪرائي رستو بحال ڪري سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button