پاڪستانسنڌ

مقصودورند جي اسڪول ۾ تقريب، شاگردن پاران ٽيبلوز پيش

مقصودو رند: مقصودو رند لڳ ڳوٺ رئيس بروهي جي گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول رئيس بروهي ۾ رنگا رنگ ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو. ثقافتي پروگرام ۾ استادن ۽ شاگردن قومي لباس پھري قومي گيتن تي رقص ڪيو. شاگردن ٽيبلوز پيش ھر طرف اجرڪ ٽوپي جا تجلا وکيري ڇڏيا. تقريب استاد ڦوٽو مل ۽ الھبخش ڏاھري ڪوٺائي وئي، جنهن جو خاص مهمان تعليمي ماھر رٽائرڊ استاد محمد ادريس بروھي هو. جڏھن ته شريف شاهھ، استاد حبيب الله ڏاھري، استاد نور مينگل، عابد رند، ابوالحسن بروھي، الھه اوڀايو ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شاگردن ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪيا. جڏھن ته شاگردن ۾ ملهه ملاکڙي، نعتن، تقريرن ۽ سوالن جوابن جا مقابلا پڻ ٿيا. ان موقعي تي استاد محمد ادريس بروھي، الہبخش ڏاھري، ڦوٽو مل، نور مينگل، شريف شاھه ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي سنڌي ھئڻ تي فخر آهي، سنڌ جي ثقافت ھزارين سال قديمي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button