پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ڍوري پراڻ ۽ ٻين قدرتي لنگهن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو فيصلو

ميرپورخاص: انساني حقن جي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن جي ميمبر جسٽس ايف ارشد نور خان درٻار هال ميرپورخاص ۾ سول سوسائٽي سميت مختلف علائقن جي برسات متاثرن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي جسٽس ايف ارشد نور خان چيو ته پاڻي جي قدرتي لنگھن ۽ فطري وھڪرن تي بااثر ماڻهن قبضو ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب پاڻي جو نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، پراڻ ڍوري جي 70 ڪلوميٽر فطري وھڪرن کي ماڻھن آباد ڪري رڳو 70 فوٽ ڇڏيو آهي. سول سوسائٽي برسات متاثرن سان گڏجاڻي ڪئي آهي، جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته قدرتي وهڪرن تان قبضا ختم ڪرايا ويندا. 2020ع ۾ ٿيل سروي ۾ ٿيندڙ غلطين بابت جيڪي شڪايتون آھن، انھن کي درست ڪري متاثرن جو ازالو ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڊي سي ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ چيو ته ھن گڏجاڻي بعد ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ ٿيندڙ شڪايتن جو ازالو ڪري قدرتي لنگھن تان قبضا ختم ڪرايا ويندا. ان موقعي تي ايس ايس پي ميرپورخاص چوڌري اسد علي، اي ڊي سي پريم چند ۽ سياسي سماجي اڳواڻ وڏي تعداد ۾ موجود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button