اسلام آبادپاڪستان

بنون آپريشن مڪمل، ٻه اهلڪار شهيد،سمورا دهشتگرد مارجي ويا:خواجا آصف

اسلام آباد :سڪيورٽي فورسز بنون ۾ دهشتگردي روڪٿام کاتي (سي ٽي ڊي ) جي مرڪز ۾ ڪارروائي ڪري بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان کان ڪمپائونڊ آزاد ڪرائي ڇڏيو. سمورا دهشتگرد مارجي ويا، ٻه سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي ويا. خواجا آصف پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي بنون ۾ سي ٽي ڊي ۾ دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته سي ٽي ڊي ڪمپائونڊ ڪليئر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته بنون ۾ هن وقت 33 دهشتگرد گرفتار هئا، انهن مان هڪ دهشتگرد بيت الخلا طرف وڃي رهيو هو ته هڪ اهلڪار جي مٿي تي سر هڻي ان کان هٿيار کسي ورتو. ان کان پوءِ ان عملي کي يرغمال بڻائي ورتو هو. هن چيو ته 20 ڊسمبر تي ساڍي 12 وڳي ايس ايس جي آپريشن شروع ڪيو. هن آپريشن ۾ سمورا دهشتگرد مارجي ويا ۽ اڍائي وڳي سي ٽي ڊي جو سمورو ڪمپائونڊ ڪليئر ڪيو ويو. بچاءُ واري وزير چيو ته ڪارروائي ۾ شامل هڪ آفيسر سميت ايس ايس جي جا 10 کان 15 جوان زخمي ٿيا آهن، ان کان سواءِ ٻه شهيد ٿيا ۽ سمورن يرغمالين کي ڇڏايو ويو آهي. خواجا آصف چيو ته ان جو افسوسناڪ پاسو اهو آهي ته دهشتگردي خاص ڪري خيبرپختونخوا ۾ ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي، واقعا ٻين صوبن ۾ به ٿيا آهن. جڏهن ته اتي ثبوت ملي رهيا آهن ته دهشتگرد سرحد پار يا وري مقامي سطح تي ڪر کڻي رهيا آهن. هن چيو ته هي 33 دهشتگرد انهيءَ سلسلي ۾ اتي پڪڙيا ويا هئا، انهن جو تعلق مختلف ٽولن سان هو. ان ڏس ۾ سي ٽي ڊي جي هڪ صوبائي ذميواري هئي، ان ۾ صوبائي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي آهي. بچاءُ واري وزير چيو ته پوري صوبائي حڪومت عمران خان وٽ يرغمال بڻيل آهي، خيبرپختونخوا ۾ بي ڏوهه ماڻهو يرغمال بڻيل آهن ۽ عمران خان حڪومت کي يرغمال بڻايو آهي. هن چيو ته 9 سالن کان اتي ان جي حڪومت آهي، اتي جڏهن به ڪو ڏکيو وقت آيو آهي اتي ٻوڏ آئي تڏهن به هو ناڪام ٿيو ۽ هاڻي به هي ناڪامي آهي جيڪو گذريل ٽن ڏينهن کان اتي سلسلو هلي رهيو هو آخرڪار اسان جي فوج اتي يرغمال ماڻهن کي آزاد ڪرايو دهشتگرد به مارجي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button