پاڪستانسنڌ

عمران خان پنهنجي محسنن جو نه ٿيو ته عوام جو ڇا ٿيندو؟ شرجيل ميمڻ

ڪراچي:اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان احسان فراموش شخص آهي. حضرت علي رضي الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته جنهن سان نيڪي ڪريو ان جي شر کان بچو. جنهن عمران خان تي احسان ڪيو، ان کي هن ڏنگيو. عمران خان جڏهن پنهنجي محسنن جو نه ٿيو ته عوام جو ڇا ٿيندو؟ هن چيو ته الادين پارڪ ۾ ريڊ لائين بي آر ٽي بس ڊپو لاءِ 10 ايڪڙ زمين مختص ڪئي وئي آهي. بس ڊپو جو مسئلو حل ٿيڻ سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان به معاملا حل ٿي ويندا. سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن اعلان ڪيو ته سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جلد ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪندي، جنهن جي اجلاس ۾ ٽيڪنيڪل منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس پرائيويٽ ٽيڪسي سروس جي ڀيٽ ۾ سستي، محفوظ ۽ آرامده هوندي. اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس جو ڪرايو 200 کان 500 تائين هوندو ۽ ان جع ٻن مرحلن ۾ آغاز ڪيو ويندو، جنهن ۾ پنڪ سروس ۽ ٻي بليو سروس شامل آهي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ پنڪ ٽيڪسي سروس سان اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪئي ويندي. جيڪا صرف عورتن لاءِ مخصوص هوندي ۽ سروس جون ڊرائيور به عورتون ئي هونديون. هن چيو ته ٽيڪسي سروس ۾ مسافرن جي حفاظت لاءِ مانيٽرنگ سسٽم ۽ ڪيمرا لڳايا ويندا. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي صوبي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم کي بهتر بڻايو پيو وڃي، اورنج لائن شروع ڪئي وئي آهي، ان کي گرين لائين سان ڳنڍڻ لاءِ ريڊيزائن ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪراچي، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس جي ڪاميابي کانپوءِ سکر ۾ به هلندڙ مهيني پيپلز بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسٽريٽ ڪرائم سڄي دنيا ۾ ٿين ٿا، ان مان منھنجو مقصد ان جو دفاع ڪرڻ ناھي، پر لاهور، ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ امن امان کي ڏسو. هن چيو ته ڪراچي جون حالتون پهرين کان ڪافي بهتر آهن، ڪراچي ۾ هاڻي ٻوري بند لاش نه ٿا ملن نه ئي شهر 10 منٽن جي ڪال تي بند ٿئي ٿو. ڪراچي ۾ ڀتا خوري جون پرچيون به بند ٿي ويون آهن.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت ۾ به اسان جي اتحادي آهي. سنڌ حڪومت سان ايم ڪيو ايم جي قيادت جي ملاقاتن ۾ وسيم اختر اهڙيون شڪايتون نه ڪيون. خبر ناهي ته اهڙي قسم جون ڳالهيون قيادت جي حمايت سان ڪيون آهن يا مڪاني ادارن جي چونڊن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ساک بهتر ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي گرمائڻ لاءِ ڪيون آهن. هن چيو ته هو وسيم اختر جي بيانن کي سنجيدگيءَ سان ناهي وٺندو. هن چيو ته پوليس اسٽريٽ ڪرائم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ سيف سٽي پروجيڪٽ لاءِ 100 سيڪڙو فنڊ رکيا آهن. منصوبي تي ڪم جاري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ افراتفري ۽ خوف جو شڪار آهي. چوڌري پرويز الاهي عمران خان کي احسان فراموش شخص قرار ڏنو پر پي ٽي آءِ جي ڪنهن به اڳواڻ پرويز الاهي جي بيان جي مذمت نه ڪئي. عمران خان احسان فراموش شخص آهي. حضرت علي رضي الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته جنهن سان نيڪي ڪريو ان جي شر کان بچو. جنهن عمران خان تي احسان ڪيو، ان کي هن ڏنگيو. عمران خان جڏهن پنهنجي محسنن جو نه ٿيو ته عوام جو ڇا ٿيندو؟

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته غيرقانوني طور تي ملڪ ۾ رهندڙن کي سڄي دنيا مان بيدخل ڪيو ويندو آهي، هتي به اهو ئي ٿيڻ گهرجي. غير قانوني شخص نه قانوني طور تي رهي سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪا خريد ۽ وڪرو ڪري سگهي ٿو. پوليس غير قانوني رهندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رهي آهي. ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿيون آهن، جيڪڏهن غير قانوني رهائشي اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث ثابت ٿيا ته انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ کين بي دخل ڪيو ويندو. اورنج لائن بابت سوال تي هن چيو ته اورنج لائين کي گرين لائين سان ڳنڍڻ لاءِ ڪم جاري آهي. جڏهن ته Yellow Line جا انٽرنيشنل ٽينڊر ڪيا ويا آهن. ان جو شروعاتي ڪم ڄام صادق پل سان لڳ نئين پل جي تعمير سان جلد شروع ڪيو ويندو. جماعت اسلامي جي ايم پي اي بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته اسپتالون سياست جو ميدان نه آهن. نان اشوز کي اشوز نه بڻايو وڃي. صوبائي وزير چيو ته ٽريفڪ ڪراچي جو بدترين مسئلو آهي. 2011 جي جائيڪا جي اسٽڊي اسان وٽ موجود آهي هڪ لبناني ڪمپني کي چيو ويو آهي ته هو ڪراچي جي ٽريفڪ جي نئين مطالعي لاءِ جائيڪا اسٽڊي جي طرز تي ڪم ڪري. جنهن تي هو ڪم ڪري رهيا آهن. ٻوڏ متاثرن جي سوال تي صوبائي وزير چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪم اڄ به جاري آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هر عالمي فورم تي ٻوڏ جي آفت ۽ موسمياتي انصاف لاءِ آواز اٿاريو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button