پاڪستانسنڌ

گهر جو واحد سهارو قتل،ما ۽ ڀينرن لا هر گهڙي قيامت

فيضگنج: فيضگنج ڀرسان ڳوٺ غلام فريد سومرو ۾ 14 ڏينهن اڳ رات جي اونداهي ۾ پنهنجي گهر اندر بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان مقبول سومرو جي وارثن ما منظوران، ڀينرن حاجياڻي، اربيلي ۽ ٻين مائٽن انصاف نه ملڻ بعد مايوس ٿي کٽ ۾ پينگهو ٻڌي پاڪ ڪتاب لوڏي انصاف لا خدا جي در ٻاڏائڻ لڳيون. هنن چيو ته قاتلن کي بچائڻ لا تر جا بااثر وڏيرا ۽ پوليس ٻٽ بڻجي ويا آهن، فاروق کي نامزد ڪري ٻن قاتلن مظهر ۽ سندس زال ممتاز خاتون کي پئسا وٺي بچايو ويو آهي، جڏهن ته گهر جي واحد ڪفيل فرد کي بيدردي سان قتل ڪري اسان کي بي سهارا ڪيو ويو آهي. هنن چيف جسٽس آف ها ڪورٽ، آ جي سنڌ، ڊي آ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته قتل ۾ ملوث مظهر ۽ سندس زال ممتاز خاتون کي گرفتار ڪيو وڃي. واضع رهي ته اڪري ٿاڻي جي حد ۾ 14 ڏينهن اڳ رات جي وقت مقبول سومرو کي پنهنجي گهر اندر ڇرين سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button