سنڌ

لاڙڪاڻي بورڊ پاران امتحاني فين ۾ واڌ خلاف شاگردن جا مظاهرا

لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ پاران نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحاني فين ۾ واڌ خلاف رتوديرو ۽ نئون ديرو ۾ شاگردن احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان سلسلي ۾ رتوديرو ۾ شاگردن مک روڊن جو گشت ڪري رتوديرو پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شاگردن آغا ٻوسڻ، عبدالرئوف جلباڻي، احسن علي بليدي، محسن قاضي، منيش ڪمار، حيدر، عيدن سناڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحاني فين ۾ هٿرادو واڌ ڪري شاگردن کي پريشان ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته نائين ڪلاس جي في 1300 روپيا ۽ ڏهين ڪلاس جي في 2800 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا غريب شاگرد ڀري نه ٿا سگھن. ٻئي طرف نئون ديرو ۾ گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول نئون ديرو جي شاگردن اسڪول کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ان موقعي تي. مطيع الرحمان ڄڻو، شهزادو ميراڻي، نريش ڪمار، حفيظ الله، فراز، طلحهٰ، ماصف، سرمد ناريجو ۽ ٻين شاگردن مطالبو ڪيو ته لاڙڪاڻو بورڊ فيس اوڳاڙي وارو فيصلو واپس وٺي. هن ڏکئي وقت ۾ ڳريون فيسون مقرر ڪري شاگردن کان تعليم جو حق نه کسيو وڃي. بورڊ جي هن فيصلي تي سنڌ حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اهڙو فيصلو واپس ڪرائي شاگردن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button