سنڌ

ڪشمور پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعوى

ڪشمور پوليس ڪچي ۾ ڪارروائي ڪندي مهينو اڳ اغوا ٿيل ٻن نوجوانن کي بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪئي. ڪشمور ضلعي ۾ مغوين جي بازيابي لا ايس ايس پي ڪشمور زبير نظير احمد شيخ جي ھدايتن مختلف ٿاڻن جي پوليس مغوين جي بازيابي لا دراني مھر ٿاڻي جي حد ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن ڪيو. ڏوھارين پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ دوران ڏوھاري مغوين کي ڇڏي اونداهي جو فائدو وٺي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.ڪشمور پوليس ھڪ مھينو اڳ مزاري برادري جا ٻھ نوجوان صاحب مزاري ۽ ارصلاح مزاري کي بازياب ڪرائي ورتو. ايس ايس پي ڪشمور چيو ته مغوين جي بازيابي تائين اسان جي مڪمل ٽيم ڪچي ۾ لٿل آهي، ڏوهارين خلاف سرچ اپريشن دراني مهر گبلو مياڻي ۽ ڪچي واري علائقن ۾ ڪيو پيو وڃي. ھن چيو ٻن مغوين کي ٻئي ھنڌ منتقل ڪرڻ واري اطلاع تي اسپيشل ٽيم جوڙي دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿيو، ڪشمور پوليس جي جوابي فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڏوھاري مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا ۽ ٻن مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. ٻئي طرف ذريعن موجب ٻن مغوين صاحب خان مزاري ۽ ارصلاح مزاري کي ڊيل ۽ ڀنگ ذريعي آزاد ڪرائي ورتو. ٻن مغوين جي بازياب ٿيڻ تي مغوين جي گهر ۾ خوشي جھڙو ماحول بڻجي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button