سنڌ

تنگواڻي ۾ ڇهين ڪلاس جي شاگرد کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

تنگواڻي ۾ هائر سيڪينڊري اسڪول جي گيٽ اڳيان ڇهين ڪلاس جي شاگرد ثاقب پٽ ارشاد سرڪي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. شاگرد جي پي ارشاد سرڪي ٻڌايو ته پٽ کي ٻٽ ٻڌل موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا هٿ جهلي بيٺا ته معصوم پٽ رڙيون ڪيون ته هٿياربند کين ڇڏي فرار ٿي ويا. ٻئي طرف شهر اندر خوف وارو ماحول پکڙجي ويو. ڇهن مهينن کان تعلقي هيڊڪواٽر ۾ ڊي ايس پي مقري نه ٿيو، شهر اندر پوليس جو گشت نه ٿيڻ سبب شهر ڏوهارين حوالي ٿي ويو. ياد رهي ته 20 ڏينهن اڳ به معصوم نينگر کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي راڄوڻي ڪوششن سان 15 ڏينهن بعد بازياب ڪرايو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button