سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ بيواهه جو بااثرن جي مبينا ڏاڍ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي نيو بهار پور بينظير ڪالوني واسڻ بيواهه عورت ٻارن سان گڏجي بااثرن جي ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي بيواهه عورت رحمت سيال پنهنجي پٽن سان گڏجي دانهيو ته 3 مهينا اڳ پٽ ذيشان سيال پنهنجي ماسات ذريت ڌيءَ گل حسن کيڙو سان حيدرآباد ۾ پسند جي شادي ڪئي جنهن تان ذريت جا ماٽيلا ڀائر، چاچو ۽ سئوٽ ناراض هئا جن منهنجي پٽ آڪاش ۽ ڀاءُ دوست محمد سيال مٿان ٽنڊو مستي ٿاڻي تي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. هن الزام لڳايو ته گذريل رات ذريت جي ماٽيلن ڀائرن احمد علي ۽ محمد علي کيڙو ۽ پوليس وارو چاچو هزارو کيڙو ۽ سئوٽ عرض محمد کيڙو سميت هٿيارن سان گهر ۾ گهڙي منهنجي ڌيءَ مهرالنساءَ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش سان گڏ اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي جڳهه خالي ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏني جنهن بعد اسان اهڙي شڪايت دڙي پوليس کي ڪئي پر پوليس بااثرن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button