سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ رائيس ڪئنال جي ڪڙ تي رهندڙ ٻوڏ متاثرن جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي بازيگر پل ڀرسان رائيس ڪئنال جي ڪڙ تي رهندڙ ٻوڏ متاثرن بااثرن ۽ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي متاثرن شهمير جمالي، صوبدار سولنگي، گلزار علي کوسو، علي محمد عمراڻي، فدا مغيري، رجب علي کوسو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان تعلقي نصيرآباد، ميهڙ ۽ وارهه جي مختلف ڳوٺن جا رهواسي آهيون، تازو برساتن دوران پيدا ٿيل ٻوڏ ۾ اسان جا گهر، روڊ ۽ رستا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن، جنهن ڪري اتان لڏ پلاڻ ڪري پنهنجا سر بچائي لاڙڪاڻي جي بازيگر پل ڀرسان رائيس ڪئنال جي ڪڙ تي رهائش اختيار ڪئي آهي. هنن الزام لڳايو ته بااثر پوليس اهلڪار سعيد تنيو، ڊاڪٽر علي گوهر چانڊيو، خدا بخش ٽڳڙ، غفار چانڊيو ۽ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس عملو اسان کي لڏائڻ ٿو چاهي، جيڪي ڌمڪيون ڏيئي حراسان ڪري رهيا آهن، جيڪو ظلم آهي. هنن سنڌ حڪومت، لاڙڪاڻو انتظاميا ۽ پوليس عملدارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڌمڪيون ڏيئي حراسان ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ڪجهه مهينن جي مهلت ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button