سنڌ

ڪشمور ۾ جماعت اسلامي جو وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي ريلي

ڪشمور ۾ جماعت اسلامي پاران ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف نادرا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي حافظ نصرالله چنا، غلام مصطفى ميراڻي، افضل عطا ڪلوڙ، حاجي عبدالفتاح کوسو، سيف الله، دلي جان مزاري، عبدالسلام کوسو لطف الله جکراڻي ۽ ٻين چيو ته پوليس امن امان برقرار رکڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، چوريون، ڦرون، اغوا جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، ڌاڙيلن 4 مهينن ۾ 18 ڄڻن کي اغوا ڪيو، ڦورو ڏينهن ڏٺي شهر يا ڳوٺن ۾ ڦر ڪري فرار ٿي وڃن ٿا، شهر مان ماڻهن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو، شهري پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ ناهن پر انتظاميا جي ڪنن تي جون نٿي رينگي، جماعت اسلامي هن ڏکئي وقت ۾ ڪشمور جي عوام سان گڏ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button