سنڌ

آمريڪي سياحن جي وفد جو موهن جي دڙي جو دورو

سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جي دڙي تي آمريڪا جي سياحن جو وفد مسٽر ٽوني جي اڳواڻي ۾ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو. آمريڪي سياحن جو وفد اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايرياز، ميوزيم سميت ٻين قديمي آثارن جو دورو ڪيو. آمريڪي سياحن جي وفد کي موهن جي دڙي بابت جاويد شيخ قديم آثارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي سياحن جو وفد جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آھي. هنن چيو ته هتان جا ماڻھو تمام محبتي ۽ وڏا قربائتا آھن، جڏھن ته پرڏيهي وفد جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button