سنڌ

وارهه ۾ ٻوڏ متاثرن جو فوڊ پروگرام ۾ شموليت لائي احتجاج

وارهه ۾ ٻوڏ متاثر شاهه لطيف ۽ مٺا ڪالوني جي رهواسين ورلڊ فوڊ پروگرام ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ٻوڏ متاثر محمد صلاح چانڊيو، صدر الدين چنو، مولوي جاويد ابڙو، رمضان چنو، جاويد چانڊيو، نواز چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسانجي پاڙي جي ڪچي آبادي ٻوڏ ۽ برسات ۾ سخت متاثر ٿي هئي، ڪافي ماڻهن جو مالي نقصان ٿيو، ان باوجود به هن پاڙي کي ورلڊ فوڊ پروگرام ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري رهواسي احساس محرومي جو شڪار آهن. هنن ڊي سي قمبر ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪئي ته جلد ڪچي آبادي کي ورلڊ فوڊ پروگرام ۾ شامل ڪري ماڻهن جي احساس محرومي ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button