سنڌ

ميرو خان شهر ۾ پيئڻ پاڻي جي سپلائي بند ٿيڻ خلاف ريلي

ميروخان ۾ واٽر سپلاءِ تان چور پاڻي واري موٽر چوري ڪري ويا جنهن ڪري شهرين کي پيئڻ جي صاف ۽ مٺي پاڻي جي فراهمي معطل ٿي وئي. ان سلسلي ۾ سماجي اڳواڻن محمد عظيم قريشي، حسن جتوئي، عبدالستار تونيو، شعيب جان چنو، زين تونيو ۽ ٻين مک چوڪ عرضي ڀٽو کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نوجوانن جو چوڻ هو ته ميرو خان واٽر سپلاءِ جي بجلي هڪ هفتي کان خراب هجڻ ڪري گذريل رات چئن چوڪيدارن باوجود چور واٽر سپلاءِ تان پاڻي وارو موٽر چوري ڪري کڻي ويا، جنهن کانپو هاڻي پاڻي اچڻ جو آسرو ئي ناهي. هنن جو چوڻ هو بجلي، پاڻي، گيس لوڊشيڊنگ ۽ صفائي نه هجڻ ڪري تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهيون پر چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي چري. رابطو ڪرڻ تي پبلڪ هيلٿ انجنيئر ياسين ميمڻ ٻڌايو ته کوجي ڪتن جي مدد سان موٽر چوري ڪندڙن جا پيرا کنيا جيڪي جانوري چوڪ وٽ ڳوٺ خير محمد مغيري ۾ لڳا جتان پوليس هڪ ڄڻي محمد صلاح مغيري کي گرفتار ڪيو آهي جنهن کان جاچ هلندڙ آهي. جڏهن ته ميرو خان ٿاڻي تي نامعلوم ماڻهن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button