سنڌ

قبو سعيد خان گٽر ناليون اٿلڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

قبو سعيد خان ۾ گٽر ناليون اٿلڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي طارق بروھي، ثناالله سنديلو، اسلم مڱڻھار ۽ ٻين چيو ته ٽي ايم او دلمراد مگسي جي نااھلي ڪري نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري پاڻي گھٽين ۾ اٿلي پيو آھي، اھو نالين جو گندو پاڻي گھٽين ۽ گھرن ۾ بيھڻ ڪري زندگي مفلوج بڻجي وئي آھي. هنن چيو ته قلندراڻي محلي ۾ ٽي اسڪول آھن گھٽين ۽ نالين جو گندو پاڻي ھجڻ ڪري معصوم ٻاڙن جي تعليم متاثر ٿي رھي آھي. هنن مطالبو ڪيو ته نااھل ۽ ڪرپٽ ٽي ايم او دلمراد مگسي جي مقرري وقت کان وٺي ڪرپشن جي جاچ ڪري ھڙپ ٿيل رقم واپس ڪرائي ايماندار ٽي ايم او مقرر ڪري صفائي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رھندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button