سنڌ

رتوديرو ۾ دڪاندار جي قتل خلاف شٽربند هڙتال،احتجاجي ڌرڻُو

رتيديري ۾ ڦر دوران قتل ڪيل دڪاندار واري واقعي خلاف واپارين پنهنجو ڪاروبار بند ڪري شٽربند هڙتال ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو. گذريل رات رتوديرو جي مک مارڪيٽ ريشم گلي ۾ ڦر دوران هٿياربندن قتل ڪيل نوجوان دوڪاندار رضوان سومرو جي قتل واري واقعي خلاف ريشم گلي دوڪاندار يونين جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي. دوڪاندارن پنهنجو مڪمل طور ڪاروبار بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن سنديپ ڪمار، سائينداد جويو، بابو دايو، حبيب الله جويو، خالد جوڻيجو، يوسف راجپوت ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ريشم گھٽي مارڪيٽ ۾ 400 دوڪان ۽ وڏي مارڪيٽ باوجود دوڪاندارن جي تحفظ لاءِ ڪو هڪ اهلڪار به مقرر ٿيل ناهي. هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي شڪايتون ڪيون پر اسان جي دانهن ڪير به ورنائڻ لاءِ تيار ناهي، هاڻي حالت اها آهي جو سر عام ڏينهن ڏٺي جو مارڪيٽ جي دوڪاندارن کان ڦرون ٿي رهيون آهن. هنن چيو ته جيڪا مارڪيٽ رات جو 9 وڳي تائين کليل هجڻ گھرجي اها بدامني سبب شام جو 5 وڳي تائين بند ٿي وڃي ٿي. بيگناهه غريب دوڪاندار رضوان سومرو کي قتل ڪيو ويو آهي هو پنهنجي روزي ڪري گھر جو چرخو هلائي رهيو هيو پر ظالمن ان غريب کي به بخش نه ڪيو. هنن چيو ته رضوان سومرو جي قتل وارو مسئلو رڳو ان جي خاندان جو نه پر اسان ريشم گھٽي جي سمورن دوڪاندارن جو آهي جيستائين رضوان سومرو جي خون سان انصاف نه ٿيندو ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري منظر عام تي نه آندو ويندو اسان جو احتجاج جاري رهندو. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته رضوان سومرو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. جڏهن ته ٻئي طرف واقعي خلاف رتوديرو جا شهري به روڊن تي نڪري آيا جن واقعي خلاف الڳ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شهرين سيد شاهد حسين شاهه، غلام شبير سومرو، عبدالقيوم مهيسر، انيس الرحمٰن جوڻيجو، علي رضا عارباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي رتوديرو پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. ٻئي طرف مقتول نوجوان رضوان سومرو جي جنازي نماز نئين عيد گاهه ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، اطهر سومرو، مومن سمون، پ پ اڳواڻ اعجاز احمد لغاري ۽ سياسي، سماجي، مذهبي ڌرين سان واسطو رکندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت شهرين شرڪت ڪئي. مڙهه کي شهر جي مبارڪ شاهه قبرستان ۾ آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button