سنڌ

نئون ديرو ۾ بدامني وڌڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

نئون ديرو ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ بدامني تي ضابطو نه اچڻ خلاف ڳوٺ ڪوٽ ڀٽو جي رهواسين نئون ديرو ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پوليس خلاف ريلوي ڦاٽڪ باب ذوالفقار وٽ سکر – لاڙڪاڻو ۽ رتوديرو – نئون ديرو روڊ تي رڪاوٽون رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرو ڪيو. ڳوٺاڻن سراج ڀٽو، وحيد ڀٽو، ظهور ڀٽو، عبدالقيوم ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل رات ڳڙهي ٿاڻي جي حد مان اسان جي نوجوان کان هٿياربند موٽر سائيڪل ۽ 30 هزار روڪ رقم ڦري ويا. واقعي جو اطلاع ڏيڻ ٿاڻي تي وياسين ته ٿاڻي تي ڪو پوليس اهلڪار موجود نه هو، جنهن ڪري مايوس ٿي واپس موٽي آياسين. ڪجهه ڏينهن اڳ نئون ديرو ويجهو همير شر ڳوٺ وٽان اسان جي هڪ ٻئي نوجوان کان نئون ديرو ٿاڻي جي حد مان ڦورو موٽر سائيڪل، روڪ رقم ۽ سامان ڦري فرار ٿي ويا پر نئون ديرو پوليس به ڦورن خلاف ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نئون ديرو ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ پيدا ٿيل بدامني واري صورتحال کي ڪنٽرول ڪري امن امان کي بهتر بڻائي ٻنهي نوجوانن کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون، روڪ رقم ۽ سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button