شوبز

هر ماڻهو کي شادي خاطر ننڍي ڇوڪري کپي ٿي: حنا الطاف

پاڪستاني اداڪارا حنا الطاف چيو آهي تھ اسان جي سماج ۾ هر ماڻهو کي شادي خاطر ننڍي ڇوڪري کپي ٿي. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ سماج ۾ ڇوڪري جي عمر 22 يا 23 سال ٿيڻ تي والدين کي سندس پوڙهي ٿيڻ جو خوف وڌي ويندو آهي، تنهنڪري والدين خوف ۾ ڇوڪري جي شادي ڪرائين ٿا تھ اڇا وار ٿيندا تھ شادي نھ ٿيندي، ڇوتھ اسان وٽ تھ هر ڪنهن کي رڳو 18 يا 19 سالن جي ڇوڪري ئي شادي خاطر کپي ٿي. هن چيو تھ والدين نياڻين کي معاشي طور خودمختيار بڻجڻ جي سکيا ڏين، اهو ضروري آهي. هن اهو پڻ ٻڌايو تھ ڇوڪرين جي پويان لڳڻ واري ڇوڪري بدران ڇوڪري ذميوار قرار ڏني وڃي ٿي، جيڪو غلط آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button