شوبز

پاڪستان جي نام بدل دينا ڪينز ميلي ۾ شارٽ فلم جي ڏس ۾ نامزد

پاڪستان جي شارٽ فلم نام بدل دينا کي عالمي طور وڏي مڃتا ملي آهي، جنهن کي ڪينز فلم فيسٽيول ۾ بهترين شارٽ فلم جي ايوارڊ جي ڏس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق اداڪارا حرا خان ۽ ارسلان خان جي ڪاسٽ تي ٻڌل 26 منٽن واري فلم شارٽ فلمن جي ڪيٽيگري ۾ ايوارڊ جي ڏس ۾ شارٽ لسٽ ٿي آهي. جڏهن تھ عورتن جي نفسياتي مسئلن جي موضوع واري فلم ۾ ٻن دوستن کي ڏيکاريو ويو آهي. فلم جي ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر نورد فاروقي جو چوڻ آهي تھ فلم ۾ زال مڙس بهترين دوستن طور پنهنجي رشتي کي نڀائيندي نظر ايندا، منهنجي خيال ۾ هن موضوع تي فلم ڀارت ۾ بھ ناهي ٺهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button