رانديون

ڀارتي عورت ريسلرز جو بي جي پي اڳواڻ تي هراسمينٽ جو الزام

ڀارت جي عورت ريسلرز بي جي پي اڳواڻ برج ڀوشن شرن سنگهه تي هراسمينٽ جو الزام هڻندي شديد نموني سان احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق گولڊ ميڊلسٽ وينيش ڦوگهٽ سميت وڏي تعداد ۾ عورت ريسلرز ۽ سندن ساٿي مرد ريسلرن احتجاج ڪندي مرد ڪوچز ۽ بي جي اڳواڻ کي عهدي تان هٽائڻ تائين عالمي مقابلن ۾ شرڪت نھ ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. وينيش ڦوگهٽ جو چوڻ هو تھ ريسلنگ فيڊريشن انڊيا جو صدر بي جي پي اڳوڻ برج ڀوشن شرن سنگهه هراسان ڪندو آهي. هوڏانهن راندين واري وزير انوراگ ٺاڪر ريسلرز سان ملاقات ۾ مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button