شوبز

سعودي اميتاڀ بچن کي لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو

رياض :سعودي عرب ليجنڊ بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن کي “جوائي ايوارڊز 2023” ۾ لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو آهي. ان کان اڳ سعودي سئنيما جو هي معزز ايوارڊ بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ۽ سلمان خان کي به ڏنو ويو آهي. رياض ۾ جوائي ايوارڊز جي رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سڄي دنيا جي فنڪارن شرڪت ڪئي. 80 سالن جي اميتاڀ بچن کي سندس 60 سالن جي ڪامياب فلمي ڪيريئر ۽ بالي ووڊ فلم انڊسٽري جو عالمي سفير بڻجڻ تي ايوارڊ ڏنو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اميتاڀ بچن چيو ته سئنيما ماڻهن کي ويجهو آڻڻ ۽ انساني سماج کي همٿائڻ جو ذريعو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button