اسلام آبادپاڪستانعالمي

سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف مسلم دنيا ۾ احتجاج

اسلام آباد : سوئيڊن جي نيٽو ۾ شموليت جي مخالفت ڪرڻ تي ترڪي خلاف اسٽاڪ هوم ۾ مظاهري دوران ساڄي ڌر جي انتها پسندن قرآن پاڪ جا صفحا ساڙي ڇڏيا، جنهن تي مسلم دنيا ۾ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهبازشريف سوئيڊن ۾ قران پاڪ جي بي حرمتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو آهي. وزيراعظم شهبازشريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته سوئيڊن ۾ انتهاپسند پاران قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڪڌو عمل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته اظهار جي آزادي کي سڄي دنيا ۾ آباد ڏيڍ عرب مسلمانن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته سوئيڊن ۾ انتهاپسند پاران ڪيل شرم جوڳو عمل ناقابل قبول آهي. واضح رهي ته عالمي خابرو اداري موجب سوئيڊن ۾ ساڄي ڌر جي سخت گير اڳواڻ راسموس پلوڊن ترڪي سفارتخاني اڳيان مظاهري ۾ قرآن پاڪ ۽ ترڪي جو جهنڊو ساڙي ڇڏيو. اهو مظاهرو ترڪي طرفان سوئيڊن جي نيٽو ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست جي مخالفت ڪرڻ خلاف ڪيو پئي ويو. ترڪي ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ لاڳاپا اڳ ۾ ئي ڇڪتاڻ ۾ آهن. ترڪ پرڏيهي وزير ان بزدلاڻي عمل جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ اسان جي مقدس ڪتاب تي بزدلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. اسان جي مقدس قدرن جي توهين ڪرڻ ۽ اسلام مخالف ڪمن جي اجازت ڏيڻ ناقابل قبول آهي. ترڪ پرڏيهي وزير به پنهنجو سويڊن جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو. سعودي عرب به سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي سخت مذمت ڪندي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. اهڙي طرح ايران ۽ عراق به ان معاملي تي سوئيڊن جي سفارتڪارن کي طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. اردن ۽ ڪويت سميت ٻين عرب ملڪن به قرآن پاڪ کي ساڙڻ جي مذمت ڪئي. هوڏانهن پاڪستاني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي اظهار جي آزادي ناهي. اسلامو فوبيا تي ٻڌل هن عمل سڄي دنيا جي ڪروڙين مسلمانن جا جذبا مجروح ڪيا آهن. جڏهن ته سوئيڊن جي پرڏيهي وزير ٽوبياس بلسٽروم هڪ بيان جاري ڪندي مسلم دنيا ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسلاموفوبڪ اشتعال انگيیزي خوفناڪ آهي. ملڪ ۾ اظهار جي آزادي آهي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته سوئيڊن جي حڪومت، يا مان، اهڙي قدم جي حمايت ڪريون. ٻئي طرف پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان قرآن مجيد جي بي حرمتي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي مان پاس ڪرايل ٺهرائن مطابق اسلام ۽ شعائر اسلام جي خلاف نفرت وارن قدمن کي اظهار جي آزادي جو تحفظ حاصل نه آهي. پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو ته سوئيڊن ۾ احتجاج دوران قرآن ڪريم ساڙڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو. هن چيو ته گذريل سال مارچ ۾ اسان جي حڪومت جي ڪاوش جي نتيجي ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اسلامو فوبيا جي روڪٿام جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان او آئي سي جي تائيد يافته تاريخي قرارداد منطور ڪئي. هن چيو ته هن ٺهراءُ جي ذريعي اقرار ڪيو ويو ته اسلام ۽ شعائر اسلام جي خلاف نفرت وارن قدمن کي اظهار جي آزادي جو تحفظ حاصل نه آهي. قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني به واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته سوئيڊن ۾ قران پاڪ جي بي حرمتي ۽ باهه ڏئي ساڙڻ واري ڪڌي عمل سان سڄي دنيا ۾ آباد مسلمانن جا احساس ۽ جذبا بري طرح مجروح ٿيا آهن. هن ڪڌي فعل جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي هن چيو ته اسلام هڪ پرامن مذهب آهي ۽ سمورن مذهبن جي تعليم ۽ عقيدن جي احترام جو درس ڏي ٿو. هوڏانهن اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه اسٽاڪ هوم سوئيڊن ۾ ترڪي جي سفارتخاني جي سامهون ساڄي ڌر جي انتهاپسندن طرفان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. آچر ڏينهن جده ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽريٽ طرفان سيڪريٽري جنرل جي حوالي سان جاري بيان ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سوئيڊش عملدارن تي زور ڀريو آهي ته اهي ان نفرت انگيز ڏوهه جي جوابدارن خلاف ضروري قدم کڻن، اهڙي طرح جي ڪاررواين کي ٻيهر ٿيڻ کان روڪڻ ۽ اسلامو فوبيا سان وڙهڻ لاءِ يڪجهتي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ اضافي جو مطالبو ڪريون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ساڄي ڌر جي انتهاپسندن طرفان بار بار ڪيل ان اشتعال انگيز ڪارروائي مسلمانن کي نشانو بڻايو، سندن مقدس قدرن جي توهين ڪئي ۽ اسلامو فوبيا، نفرت، عدم رواداري ۽ زينوفوبيا جو خطرناڪ مثال قائم ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button