سنڌ

احمدپور ۾ پوليس ٿاڻي اندر تشدد ڪري پيرسن جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي

احمدپور ۾ پوليس پيرسن کي گهران گرفتار ڪري ٿاڻي اندر سخت تشدد ذريعي سندس ٻانهن ڀڃي ڇڏي. خبر موجب احمدپور ۾ ڳوٺ فتح علي چانڊيو جي رهواسي اختيار علي چانڊيو احمدپور پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو. هن الزام هنيو ته احمدپور پوليس موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جو الزام لڳائي مون کي گهران گرفتار ڪيو ۽ ٿاڻي تي کڻي آئي، جتي ايس ايڇ او اڪبر عالماڻي گهلي گهلي ڏنڊن سان تشدد ڪيو ۽ پوليس منهنجي ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي. هن چيو ته بيهوشي واري حالت ۾ وارثن حوالي ڪرڻ بعد مون تي موٽر سائيڪل ڦر جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو آهي ته ايس ايڇ او احمدپور جي ظلم جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button