اسلام آبادپاڪستان

عمران نيازي مُلڪ ۾ انارڪي ڦهلائڻ وارو ايجنٽ آهي:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي مُلڪ ۾ انارڪي ڦهلائيندڙ ايجنٽ قرار ڏئي ڇڏيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران نيازي ن ليگ قائد نواز شريف ۽ ن ليگ کي احتساب جي نالي تي نشانو بڻائڻ جي منظم منصوبي جو حصو آهي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عمران خان جا زهريلا وار سبب سياست کي نقصان رسيو ۽ معاشري ۾ بگاڙ پيدا ٿيو، عمران نيازي رياستي ادارن جي ساک شديد نقصان پهچايو. هوڏانهن شهباز شريف چين جي نئين سال تي چيني قيادت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن. آچر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان چين جي نئين سال جي آغاز تي صدر شي جن پنگ ۽ چيني عوام کي مبارڪون ڏيون ٿا ۽ نئين سال کي پنهنجي چيني دوستن لاءِ پيار، امن ۽ خوشحالي جو ضامن ٿيڻ لاءِ دعاڳو آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button