شوبز

مهوش ۽ ڪبرا بابت مواد هٽائڻ واري رپورٽ عدالت ۾ پيش

سنڌ هائي ڪورٽ ۾ پي ٽي اي ۽ ايف آئي اي پاڪستان جي ٻن مشهور اداڪارائن مهوش حيات ۽ ڪبرا خان بابت نامناسب مواد هٽائڻ واري رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ڊويزن بينچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي اي ۽ ايف آئي اي جي نمائندن رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. پي ٽي اي جي نمائندي عدالت کي آگاهي ڏني تُھ جيڪو مواد پاڻ هٽائي سگهياسين اهو هٽائي ڇڏيو، باقي پرڏيهه مان جتان مواد کي هٽائڻو آهي، ان حوالي سان اڃا لکپڙهه ڪئي پئي وڃي. عدالت پي ٽي اي، ايف آئي اي ۽ وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button