شوبز

شاهه رخ خان ۽ دپيڪا جي پٺان پهرين ڏينهن 100 ڪروڙ ڪمائي ورتا

بالي ووڊ جي ڪنگ آف رومانس طور شهرت ماڻيندڙ شاهه رخ خان سالن جي انتظار بعد فلم پٺان سان باڪس آفيس تي بادشاهه طور واپسي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق فلم پٺان ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ مجموعي طور تي 100 ڪروڙ کان مٿي بزنس ڪري سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. شاهه رخ خان ۽ دپيڪا پڊوڪون سميت جان ابراهم جي ڪاسٽ تي ٻڌل فلم رڳو ڀارت ۾ پهرين ڏينهن 57 ڪروڙ رپين جي رڪارڊ اوپننگ ڪئي آهي، جنهن ۾ 55 ڪروڙ هندي فلم ڪمايا آهن، جنهن سان گڏ 2 ڪروڙ رپيا تامل ۽ تيلگو ورزن جي ڪمائي پڻ شامل آهي. هوڏانهن آمريڪا، يو اي اي ۽ ٻين ملڪ ۾ فلم 36 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بزنس ڌار ڪيو آهي، جنهن سان فلم 110 ڪروڙ رپين جي بزنس جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري باڪس آفيس جي ماهرن کي لوڏي ڇڏيو آهي. ياد رهي تھ ان کان اڳ ريتڪ روشن جي وار 53 ڪروڙ 30 لک، عامر خان جي ٺگس آف هندستان 52 ڪروڙ، ڪي جي ايف 53 ڪروڙ ڪمايا هئا، پر پٺان سمورين فلمن کي پوئتي ڏڪي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button