اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري گرفتار، لاهور کان اسلام آباد منتقل،بازيابي جي درخواست رد

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري کي پوليس اليڪشن ڪميشن اختيارين کي ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪيس ۾ لاهور مان گرفتار ڪري ورتو، جنهن کي اسلام آباد منتقل ڪيو ويو، هائيڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير کي آزاد ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته جسماني رمانڊ لا داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب اڳوڻي وفاقي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آ اڳواڻ فواد چوڌري کي گذريل رات اسر ويل لاهور جي علائقي ٺوڪر نياز بيگ مان سندس رهائشگاهه تان اليڪشن ڪميشن طرفان داخل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ فرخ حبيب ٽوئيٽ ذريعي ٻه وڊيو شيئر ڪيون جنهن ۾ هن ٻڌايو ته فواد چوڌري کي گرفتار ڪيو ويو آهي. بعد ۾ اسلام آباد پوليس فواد چوڌري جي گرفتاري جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته فواد خلاف ڪوهسار ٿاڻي تي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن موجب فواد چوڌري چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرز کي فرضن جي ادائيگي کان روڪڻ لاءِ ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو آهي. ڪيس ۾ سرڪاري ڪم ڪار ۾ مداخلت ۽ ڌمڪيون ڏيڻ تي 153 اي، 124 اي، 505 ۽ 505 جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ چيو ويو ته فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن، ان جي ميمبرن ۽ سندن گهرڀاتين کي به خبردار ڪيو هو. هوڏانهن فواد چوڌري کي گرفتاري بعد هٿڪڙيون لڳائي لاهور جي ڪينٽ ڪچهري جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت پي ٽي آ اڳواڻ جي راهداري رمانڊ منظور ڪندي کيس اسلام آباد جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ساڳئي ڏينهن فواد چوڌري جي گرفتاري خلاف لاهور ها ڪورٽ ۾ پڻ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن تي عدالت حڪم ڏنو ته فواد چوڌري کي پيش ڪيو وڃي ۽ پوليس اختياريون پڻ عدالت آڏو پيش ٿين. درخواست تي شنوائي دوران آءِ جي پنجاب، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ٻيا پيش ٿيا، ان موقعي تي آءِ جي پنجاب فواد چوڌري جي اسلام آباد پوليس هٿان گرفتاري جي تصديق ڪئي، جنهن تي لاهور ها ڪورٽ جي جج جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته هاڻي ثابت ٿي ويو ته فواد چوڌري جي گرفتاري غير قانوني ناهي. هاءِ ڪورٽ فواد چوڌري جي آزادي بابت درخواست خارج ڪندي سوال پڇيو ته فواد چوڌري جي گرفتاري ۾ غير قانوني ڇا آهي؟ هن کي گرفتار ڪرڻ بعد لاهور جي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن توهان ڪيس خارج ڪرائڻ چاهيو ته هاڻي اسلام آباد ها ڪورٽ درست فورم آهي. ٻئي طرف فواد چوڌري کي اسلام آباد پوليس لاهور کان منتقل ڪرڻ بعد ڊيوٽي مئجسٽريٽ نويد خان جي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ سندس جسماني رمانڊ لا درخواست ڪئي. ڊيوٽي مئجسٽريٽ نويد خان ٻنهي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فواد چوڌري جي 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ان موقعي تي عدالت آڏو بيان ڏيندي فواد چوڌري چيو ته مان تقرير نه پر ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هئس، مون اهو چيو هو ته اهڙيون نفرتون نه ڦهلايو جو ماڻهن ذاتي ليول تي اچي وڃن، مون کي لاهور پوليس گرفتار ڪيو، منهنجو موبائيل فون ضبط ڪيو ويو ۽ لاهور پوليس مون کي اسلام آباد پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. فواد چيو ته مان سينيئر وڪيل آهيان، هڪ پارليامينٽرين، تحريڪ انصاف جو ترجمان ۽ اڳوڻو وفاقي وزير آهيان، ڪو دهشتگرد نه اهيان جو مون کي سي ٽي ڊي ۾ رکيو ويو، آئون جيڪو به ڳالهائيندو آهيان اها پارٽي جي پاليسي هوندي آهي، تنهن ڪري منهنجي خلاف ڪو ڪيس ٺهي ئي نٿو، جيڪڏهن تنقيد ڪرڻ تي به ڪيس داخل ٿيندا ته پو ملڪ جمهوريت کي هٿي نه ملي سگهندي، اليڪشن ڪميشن نه رياست آهي ۽ نه ئي حڪومت جو ان تي تنقيد نٿي ڪري سگهجي. ان کان اڳ لاهور جي عدالت ۾ پيشي دوران فواد چوڌري چيو ته منهنجي پويان پوليس ايئن لڳائي وئي، ڄڻ ڪو مان جيمز بانڊ هجان، جهڙي طرح گرفتار ڪيو ويو، اِهو مناسب نه هو، مون کي فون ڪري گهرائي وٺن ها، پاڻ ئي پهچي وڃان ها. فواد چوڌري چيو ته مون اليڪشن ڪميشن بابت جيڪو ڪجهه به ڳالهايو، پورو پاڪستان اها ئي ڳالهه ڪري رهيو آهي، مون مٿان جيڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان تي فخر آهي، نيلسن منڊيلا تي به اهڙو ئي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ بغاوت فرض آهي، 22 ڪروڙ عوام به ٻاهر نڪري ۽ بغاوت ڪري، اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ ٻٽو نظام هلائي رهي آهي ۽ وري چيو پيو وڃي ته اليڪشن ڪميشن خلاف ڳالهايو به نه، اسان گرفتارين کان نٿا ڊڄون، عدالت ۾ منهنجي شنوائي جي موقعي تي پوليس جي ايڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي ڄڻ مان ڪو جيمز بانڊ آهيان، مان چوان ٿو ته 22 ڪروڙ عوام تي ڪيس ٺاهيو، مون کي گرفتار ڪرڻ وارن کي شرمندگي ٿيندي، پوليس ٻڌائي مون کي ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪيس داخل ڪيو ويو ان تي فخر آهي، نيلسن منڊيلا تي اهڙو ئي ڪيس هو، چيو پيو وڃي ته مون بغاوت ڪئي آهي، مان اڳوڻو وفاقي وزير ۽ سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهيان، مون سان عزت ۽ احترام وارو ورتاءُ رکيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button