پاڪستانپنجاب

موت ويجهي کان ڏٺو اٿم، گرفتاري ۽ جيل کان نٿو ڊڄان، عوام اسان سان گڏ بيٺل آهي:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي پارٽي جي اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاري تي مذمت ڪندي چيو آهي ته ٻڌايو وڃي فواد چوڌري کي ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو، چيف اليڪشن ڪمشنر کي منشي چوڻ تي ڪهڙي ملڪ ۾ اهڙي ڪارروائي ٿيندي آهي؟ منهنجو آواز به بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، موت کي ويجهو کان ڏٺو اٿم، جيل کان نٿو ڊڄان، اوهان به جيل کان نه ڊڄو، امپورٽيڊ حڪومت مون کي ڪڏهن به گرفتار نٿي ڪري سگهي. فواد چوڌري جي گرفتاري تي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کي منشي ڇا چيو ان تي کيس گرفتار ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ته فواد ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، قوم کي چئي رهيو آهيان ته توهان جو مستقبل توهان جي ئي هٿ ۾ آهي، ظلم ۽ ناانصافي خلاف بيهڻ جهاد آهي، منهنجو آواز بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيل کان نٿو ڊڄان، توهان کي به نه ڊڄڻ گهرجي، گهڻن کي جيل ۾ وجهندا؟ موت ويجهو کان ڏٺو آهي، مون کي ڪا ڳڻتي ناهي، جڏهن موت لکيل هوندو تڏهن ايندو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته انهن چونڊي چونڊي اسان جي مخالف محسن نقوي کي نگران وڏو وزير ڇو مقرر ڪيو، اسان جا نالا ڇو رد ڪيا ويا، اسان نيوٽرل امپائر رکڻ جي ڪوشش ڪئي، محسن نقوي جو اسان جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ڪردار هو، جنهن جي مقرري سان واضح ٿي ويو ته هنن جو چونڊون ڪرائڻ جو ڪو ارادو ناهي، مون کي نٿو لڳي ته محسن نقوي پنجاب ۾ اليڪشن ڪرائيندو، هاڻي عدليا تي وڏي ذميواري اچڻ واري آهي، اسان وٽ صرف ٻه رستا آهن، يا ته اسان عدليا ۾ وڃون يا وري رستن تي اچي وڃون، جج جمهوريت کي بچائين ۽ عوام جي حقن جي حفاظت ڪن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته منهنجا پنهنجا ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا آهن، امپورٽيڊ حڪومت مون کي ڪڏهن به گرفتار نٿي ڪري سگهي، ڇو ته 22 ڪروڙ عوام تحريڪ انصاف سان گڏ بيٺل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button