اسلام آبادپاڪستان

فواد گرفتار نه اغوا ٿيو آهي،سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي:زال حبا

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جي گرفتاري تي سندس زال حبا چيو آهي ته هي گرفتاري نه پر اغوا آهي، خانگي ميڊيا سان ڳالهائيندي حبا فواد چيو ته اسان ان کي گرفتاري نه چونداسين، اغوا چونداسين، 8 کان 10 پوليس وارا گيٽ کولي اسان جي گهر ۾ گهڙيا ۽ ڪا به ايف آئي آر ڏيکارڻ بنا فواد کي پڪڙي کڻي ويا. هن چيو ته منهنجي درخوست آهي ته امپورٽيڊ حڪومت جيڪو ڪري رهي آهي يا جنهن به فواد چوڌري کي کنيو آهي اسان کي ٻڌايو وڃي ته کيس ڪهڙي قاعدي ۽ قانون تحت کنيو ويو، اسان سان ڪنهن رابطو ناهي ڪيو، اسان کي ڪو پتو نه آهي کيس ڪٿي کڻي ويا، اسان پنجاب ۾ لاڳاپيل ٿاڻن سان رابطو ڪيو پر ڪوئي جواب نه مليو آهي. حبا فواد چيو ته هي ته سراسر اغوا آهي جو اسان پنهنجي گهر ۾ به محفوظ نه آهيون، ماڻهو اسان کي گهر ۾ گهڙي کنڀي کڻي ويندا، هي ڪهڙي قسم جو ملڪ آهي هتي ڪهڙِي قسم جو قانون آهي، منهنجي چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ وزيراعظم کان اها ئي درخواست آهي ته ٻڌايو وڃي ته فواد چوڌري کي ڇو کڻي ويا آهن يا وري ان جي اغوا جي ايف ائي آر داخل ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button