پاڪستانعالمي

افغانستان ۾ رت ڄمائيندڙ ٿڌ، ڪاٽو 28 تي پهچي وئي، 150 کان وڌيڪ ماڻهو فوت

افغانستان جي مختلف صوبن ۾ سخت سي زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيو، ٿڌ جي شدت ڪاٽو 28 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. طالبان اختيارين جو چوڻ آهي ته سي جي شديد لهر سبب هڪ هفتي کان به گهٽ عرصي اندر فوتگين ۾ ٻيڻي واڌ ٿي آهي، سڄي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 70 هزار ڍور به سي جي وڪڙ ۾ اچي مري ويا آهن. ٻئي طرف آمريڪي ميڊيا مطابق افغانستان ۾ لکين ماڻهو تمام گهٽ امداد ملڻ ڪري شديد ٿڌ کي منهن ڏئي رهيا آهن، هلندڙ مهيني جنوري ۾ گرمي پد ڪاٽو 28 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪري پيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button