پاڪستانعالمي

دنيا تباهه ٿيڻ جو امڪاني وقت ٻڌائيندڙ گهڙي کي 10 سيڪنڊ اڳتي ڪيو ويو

انسانن هٿان دنيا جي امڪاني تباهي جو وقت ٻڌائيندڙ گهڙي جي وقت ۾ يوڪرين جنگ سبب عالمي ايٽمي جنگ جي خطري ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ 10 سيڪنڊ اڳيان ڪيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ موجوده وقت دنيا جي تباهي جي حوالي سان خطرناڪ ترين وقت بڻجي ويو آهي. رپورٽن مطابق ناليوارن ايٽمي سائنسدانن تي مشتمل گروپ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي، ته انسانيت هن وقت تاريخ جي خطرناڪ ترقي واري دور مان گذري رهي آهي. يوڪرين جنگ عالمي ايٽمي جنگ جي خطرن کي وڌائي ڇڏيو آهي. سائنسدانن دنيا جي تباهي واري وقت کي ظاهر ڪندڙ ڊومز ڊي ڪلاڪ کي 10 سيڪنڊ اڳيان وڌائي ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ ان گهڙي ۾ اڌ رات يعني دنيا جي تباهي ۾ 90 سيڪنڊ باقي رهجي ويا آهن. ان گهڙيال جي سوئن کي اڳيان حرڪت ڏيڻ جو فيصلو هر سال جنوري ۾ ڪيو ويندو آهي، جنهن جو دارومدار ايٽمي جنگ جي خطرن، ماحولياتي تبديلين ۽ بائيو ٽيڪنالاجي تي ٿئي ٿو. سائنسدانن موجب هن ڀيري ڊومز ڊي جي ڪلاڪ جي سوئن کي اڳيان ڪرڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار يوڪرين جنگ جو رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ عالمي ايٽمي جنگ جي خطرن ۾ اضافو ٿيو آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن يوڪرين جنگ سبب عالمي جنگ نه به ٿي ته به گذريل 6 ڏهاڪن دوران ايٽمي هٿيارن جي استعمال کي روڪڻ جي سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن خاص ڪري ايٽمي هٿيارن جي خاتمي وارا معاهدا متاثر ٿيندا. ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ نمايان معاهدو روس آمريڪا وچ ۾ طئي ٿيل نيو اسٽارٽ معاهدو آهي جنهن جو مدو 2026ع ۾ ختم ٿي ويندو، جنهن بعد سڄي دنيا ۾ ايٽمي هٿيارن جي نئين ڊوڙ شروع ٿيڻ جو خدشو آهي. هن وقت چين پنهنجي ايٽمي پروگرام ۾ تيزي سان اضافو ڪري رهيو آهي. جڏهن ته اتر ڪوريا پڻ ميزائيل تجربا وڌائي ڇڏيا آهن ۽ ايران ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ طرف اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. روس، آمريڪا ۽ ڀارت پنهنجي ايٽمي هٿيارن کي جديد بڻائي رهيا آهن. واضح رهي ته 1947ع ۾ ڊومز ڊي ڪلاڪ سيٽ ڪيو ويو هو. جنهن کي هن وقت تائين 8 ڀيرا پويان ۽ 17 ڀيرا اڳيان ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button