پاڪستان

يو اي اي جو صدر پاڪستان ۾ مهمان، وڏي سيڙپڪاري جي خاطري ڪرائي ڇڏي

گڏيل عرب رياستن (يو اي اي) جي صدر محمد بن زيد النهيان وزيراعظم شهباز شريف کي پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪارڻ ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي، ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات رحيم يار خان ۾ ٿي، جتي يو اي اي جو صدر پنهنجي گهرڀاتين سميت هڪ ڏينهن جي نجي دوري تي پهتو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف رحيم يار خان پهچي يو اي اي صدر جو ايئرپورٽ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سٺي ماحول ۾ ملاقات ٿي. يو اي اي جو صدر محمد بن زيد النهيان وزيراعظم کي هٿ مان جهلي پنهنجي جهاز ۾ وٺي ويو ۽ پنهنجي گهرڀاتين سان ملاقات ڪرائي، جڏهن ته شهباز شريف يو اي اي جي صدر جي ٻارن سان عربي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ذريعن موجب يو اي اي جي صدر خاص طور تي استقبال لا رحيم يار خان اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا ۽ کيس پاڪستان ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اشارو پڻ ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب محمد بن زيد النهيان وزيراعظم شهباز شريف کي چيو ته توهان تياري ڪريو، يو اي اي پاڪستان ۾ وڏو سيرپڪاري ڪرڻ وارو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ايئرپورٽ تي وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي سڌ سما واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پنجاب جو نگران وڏو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا. ايئرپورٽ تي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. يو اي اي جي صدر شيخ محمد زيد النهيان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته سندس والد پاڪستان ۽ ان جي عوام سان تمام گهڻي محبت رکندو هو، هو پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو، هن وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته گڏيل عرب امارات سدائين پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته شيخ محمد بن زيد النهيان جي پاڪستان اچڻ تي سندس استقبال ڪندي انتهائي خوشي ٿي، پاڪستان ان جو ٻيو گهر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button