سنڌ

سماج ۾ پکڙيل انتهاپسندي اسان کي دنيا کان ڌار ڪري ڇڏيندي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته راندين جون سرگرميون رواداري کي هٿي وٺرائين ٿيون ۽ ماڻهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻين ٿيون، ٻي صورت ۾ عدم برداشت اسان جي سماج کي ڳڙڪائي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊي جي سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سيد نعمان احسن پاران اين اي ڊي يونيورسٽي گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ ميچ جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اين اي ڊي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر سروش لوڌي، چيئرمين هائير ايجوڪيشن ڪميشن طارق رفيع ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مهذب معاشرن عدم برداشت جي جبلت کي ڇڏي ڏنو آهي ڇوته اهي اهڙن روين کي پسند نه ٿا ڪن ۽ اهي منطق ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي هڪٻئي کي قائل ڪندا آهن پر بدقسمتيءَ سان اسان جي نوجوانن ڪتاب پڙهڻ، راندين ۽ صحتمند سرگرمين سميت تقريري مقابلن ۽ اسٽڊي سرڪلز جي عادت ڇڏي ڏني آهي. هن چيو ته هو ڪرڪيٽ ميچ ۾ نوجوانن کي راندين جي سرگرمين ۾ حصو وٺندي ڏسي خوش ٿيو آهي. وڏي وزير ملڪ جي نوجوانن تي زور ڀريو ته هو سوشل ميڊيا کي تعليم، صلاحيت وڌائڻ، روزگار ۽ دنيا جي ٻين ملڪن سان رابطي لاءِ ٽول طور استعمال ڪن. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جا نوجوان سوشل ميڊيا مان فائدو نه وٺي رهيا آهن. مراد علي شاهه سمورن تعليمي ادارن تي زور ڀريو ته هو شاگردن جي تربيت لاءِ راندين ۽ پريڊ ڪوچز کي مقرر ڪن ۽ اهي سرگرميون تعليمي سرگرمين سان گڏ ڪرايون وڃن. هن چيو ته آئون والدين کي به گذارش ڪندس ته هو پنهنجي ٻارن کي راندين، تقريرن ۽ ٻين اهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لاءِ همٿ افزائي ڪندا رهن. وڏي وزير چيو ته اسان جي مذهب اسان کي برداشت، گڏيل احترام ۽ سڀني مذهبن ۾ هم آهنگي جو درس ڏنو آهي. هن چيو ته سماج ۾ پکڙيل انتهاپسندي اسان کي پوري دنيا کان ۽ پاڻ کان به الڳ ڪري ڇڏيندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيئرمين هائير ايجوڪيشن پروفيسر طارق رفيع تقريب جي صدارت ڪرڻ تي وڏي وزير جا ٿورا مڃيا. هن وڌيڪ چيو ته هو سمورين يونيورسٽين ۾ راندين کي هٿي وٺرائيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button