شوبز

ڪيارا ۽ سڌارٿ جي سڀاڻي شادي، جوڙو جيسلمير پهچي ويو

بالي ووڊ جي انتهائي خوبصورت اداڪارا ڪيارا آڏواڻي ۽ اداڪار سڌارٿ ملهوترا سڀاڻي شادي ڪري سدائين هڪٻئي جا ٿي ويندا، جڏهن تھ جوڙو راجسٿان جي شهر جيسلمير پهچي ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪيارا آڏواڻي ۽ سڌارٿ ملهوترا جي شادي جون رسمون گيٽ وي ٽو ٿر جي علامت سوريا ڳڙهه نالي هوٽل ۾ ٿينديون، جتي ڪيارا آڏواڻي ۽ سڌارٿ ملهوترا پنهنجي پنهنجي والدين سان گڏ جسلمير پهچي ويا آهن، هوڏانهن ڪاڄ ۾ سڏايل مهمانن جو اچڻ بھ شروع ٿي ويو آهي، جيڪي 7 فيبروري تائين ڄاڻايل هوٽل ۾ ترسندا. جڏهن تھ جوڙي جي ڪاڄ ۾ مائٽن مٽن ۽ بالي ووڊ جي ڪرن جوهر، ميرا راجپوت سميت 100 مهمان سڏايو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ جوڙي جي ميندي جي رسم اڄ ادا ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button