شوبز

ڀارت جي 19 ٻولين ۾ ڳائيندڙ ڳائڻي واني جئرام جو لاش مليو

ڀارت جي 19 ٻولين ۾ گيت ڳائيندڙ 77 ورهين جي ليجنڊ ڳائڻي واني جئرام جو لاش گهر مان مليو آهي. ميڊيا مطابق واني جئرام جي نوڪرياڻي جو چوڻ آهي تھ صبح جو گهر اچڻ تي در نھ کليو تھ واني جي ڀيڻ کي سڏي آيس، جنهن بعد ٻين گهرڀاتين اچي دروازو ٽوڙيو تھ اندر واني جو لاش پيل مليو. هوڏانهن پويلس کي رت ڳاڙيندڙ لاش ملڻ بعد معاملي جي آپگهات يا حادثي جي رخن ۾ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ هندي، تامل، تيلگو ۽ ٻين ٻولين ۾ ڳائندڙ واني جئرام کي حڪومت پاران 2023ع ۾ پدما ڀوشن ايوارڊ ۾ نامزد ڪيو هو. جڏهن تھ هو ڪيريئر دوران نيشنل ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ ماڻي چڪي آهي. هن بول ري پپيهرا، مجهه سي ملي نين تيري، زندگي ۾ آپ آئي ۽ ٻين گيتن ذريعي مقبوليت ماڻي. واني جئرام جي گيتن 80 واري ڏهاڪي ۾ هندستان تي راڄ ڪيو، سندس ڳايل گيتن جو تعداد 10 هزار کان وڌيڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button