پاڪستان

عمران خان سڄي ملڪ ۾ جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سڄي ملڪ ۾ جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪارڪن تياري ڪري وٺن، جيئن ئي سگنل ڏيندس ته سڀئي اجتماعي گرفتاريون ڏيندا، هنن کي به خبر پئجي ويندي ته عوام ڪهڙي پاسي ۽ ڪنهن سان گڏ آهي. لاهور مان وڊيو لنڪ خطاب ۾ عمران خان چيو ته 75 ورهين جي شيخ رشيد کي هٿڪڙيون لڳائي لاڪپ ۾ رکيو ويو، مون تي به 60 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، هي اسان کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي ميدان تان هٽائڻ چاهين ٿا، سمورا ڪارڪن ۽ اڳواڻ جيل ڀريو تحريڪ جي تياري ڪن، قوم کي ڪال ڏيندس ۽ سڀ گرفتاريون پيش ڪنداسين، روڊن تي اچڻ کان بهتر آهي ته گرفتاريون ڏيون، مونکي خبر آهي ته جيلن ۾ ڪيتري گنجائش آهي، اڳڪٿي ٿو ڪريان ته اسان تي مڙهيل حڪمران جلد ملڪ ڇڏي ڀڄي ويندا. هن چيو ته حڪمران اتحاد چونڊن کان ڊنل آهي، هي ملڪ کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن، پشاور واقعي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ دهشتگردي جو گراف ڪِريو هو ۽ دهشتگرد واقعا گهٽجي ويا هئا. هن چيو ته اسان وٽ هينئر ٻه رستا آهن، پهريون سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪجي پر ملڪ جي معيشت جي اهڙي حالت آهي جو ڦيٿا روڪ هڙتال سان حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون، ڪارڪنن کي چوان ٿو ته جيل ڀريو تحريڪ جي تياري ڪن ۽ منهنجي اشاري جو انتظار ڪن، جلد جيل ڀريو تحريڪ جو سڏ ڏيندس. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ جو مقصد ميدان تان هٽائڻ آهي ته جيئن هڪ ڀڳوڙو شخص لنڊن مان واپس اچي ۽ چونڊون کٽي سگهي، مون تي هن وقت 60 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، مخالفن جو منصوبو آهي ته عمران خان کي جيل ۾ وڌو وڃي، ڳالهائڻ وارن جو وات بند ڪيو وڃي. عمران خان وڌيڪ چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ رڳو پنجاب ۽ خيبر پختونخوا پئسا ڏنا، جڏهن کان پي ڊي ايم حڪومت آئي آهي 55 ارب رپين مان 5 ارب پختونخوا صوبي کي ڏنا ويا آهن، انهن جو منصوبو آهي ته تحريڪ انصاف کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي ڪمزور ڪيو وڃي، سازش تحت ڏوهارين جي حڪومت قائم ڪئي وئي، جيڪڏهن اسان جدوجهد نه ڪئي ته تباهي جا سڀئي ذميوار هونداسين، 18 ٿي ويا، پنجاب ۽ پختونخوا جا گورنر چونڊن جي تاريخ نٿا ڏين، سڄو ملڪ تماشو ڏسي رهيو آهي، جيڪڏهن 90 ڏينهن کانپو صوبن ۾ چونڊون نه ٿيو گورنرن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت غداري جو ڪيس ٺهندو، اميد آهي ته عدليا آئين سان گڏ بيٺل هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button