پاڪستانپنجاب

پنجاب ۾ بس هوسٽس سان سفر دوران گارڊ جي جنسي زيادتي

پنجاب جي شهر وهاڙي ۾ 18 ورهين جي بس هوسٽس سان سفر دوران جنسي زيادتي ڪئي وئي آهي. پوليس موجب ميلسي کان وهاڙي ايندڙ بس مان جڏهن سڀئي مسافر لهي چڪا هئا ۽ بس اچي ڏانهن اچي رهي هئي ته گارڊ بس جو دروازو لاڪ ڪري هوسٽس کي هٿيار جي زور تي لڄالٽ جو نشانو بڻايو، ان ڏاڍ ۾ بس جي ڊرائيور به گارڊ جو ساٿ ڏنو ۽ بس کي روڪڻ بدران دروازو بند ڪري ڇڏيو. پوليس جنسي زيادتي ۾ ملوث گارڊ شيراز ۽ سندس ساٿاري ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته بس هوسٽس کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس طبي معائنو ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button