شوبز

بيونسي گريمي ايوارڊ کٽڻ جي تاريخ لکي ڇڏي، هيري البم آف ايئر بڻجي ويو

موسيقي جي دنيا جي سڀ کان وڏي ايوارڊ تقريب ۾ آمريڪي ڳائڻي بيونسي سڀني کان وڌيڪ ايوارڊ حاصل ڪري گريمي ايوارڊ کٽڻ جي تاريخ لکي ڇڏي آهي، جڏهن تھ هيري اسٽائيلس کي هيري هائوس تي البم آف ايئر جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

انگلش ڳائني اڊيل ايوارڊ ڏيکاري رهي آهي

ميڊيا مطابق لاس اينجلس ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ 32 گريمي کٽي راڳي جارج سالٽي جو وڌيڪ ايوارڊ کٽڻ وارو رڪارڊ ٽوڙي پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. مجموعي طور تقريب ۾ بيونسي ڊانس البم، ٽريڊيشنل پرفارمنس سميت 4 اهم ايوارڊ کٽي ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي.

ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ گريمي ايوارڊ ۾ شريڪ آهي

جڏهن تھ بوني رائيٽ سانگ آف ايئر جو ايوارڊ حاصل ڪيو آهي، تقريب ۾ ڊيوس آڊيو بڪ، سمارا جوئي نئين آرٽسٽ طور ڪاميابي ماڻي. اهڙي ريت اڊيل، ڪينڊرڪ لامار، انيتا، عمر اپولو، ڊومي اينڊ ڊي جي بيڪ ۽ ٻين بھ مختلف ڪيٽيگرين ۾ ايوارڊ ماڻيا آهن.

گريمي ايوارڊ ماڻيندڙ اسٽيفني

جڏهن تھ بيونسي ٽريفڪ وچ ۾ ڦاسڻ سبب پنهنجو پهريون ايوارڊ پاڻ نھ وٺي سگهي، باقي ايوارڊ هن پاڻ وصول ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button