پاڪستان

آئي ايم ايف هر اداري جا کاتا کولي پائي پائي جي سبسڊي ڏسي رهيو آهي: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) پاڪستان جي هر اداري ۽ شعبي جا کاتا کولي هڪ هڪ پائي جي ڏنل سبسڊي جو جائزو وٺي رهيو آهي، ملڪ سخت معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان ڏکي صورتحال مان نڪرڻ لا اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اسان کي ڪشميرين کي آزادي ڏيارڻي آهي ته ان کان پهرين پاڪستان کي معاشي طاقت بڻجڻو پوندو. وزيراعظم ڪشميرين سان يڪجهتي ڏهاڙي جي مناسبت سان آزاد ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. شهباز شريف چيو ته قائداعظم محمد علي جناح فرمايو هو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، اڄ اسان جي سماج ۾ ويڇا پيدا ٿي چڪا آهن، جڏهن ڪنهن قوم ۾ ٻڌي ۽ اتحاد هوندو تڏهن ئي اها قوم پنهنجا مقصد ۽ هدف حاصل ڪري سگهندي آهي، اڄ پورو پاڪستان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي غير متزلزل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيو آهي. هن چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير جو عوام گڏيل قومن جي منظور ڪيل حق خوداراديت جي جدوجهد ۾ ڀارت جي غاصباڻي نظام کي منهن ڏئي رهيو آهي، والاريل ڄمون ڪشمير جو عوام ڀارت جي غيرقانوني قبضي مان آزادي ماڻڻ جي خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ بي انتها جدوجهد ڪري رهيو آهي، ڪشميرين پنهنجي قربانين سان آزادي جي شمع کي جوت بخشي آهي، مون کي يقين آهي ته سندن خواب جلد ساڀيان ماڻيندا. شهباز شريف چيو ته پاڪستان سدائين پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي مدد ۽ حمايت جاري رکي آهي، ڪشميرين جي شڪايت جائز آهي، جيڪڏهن سڄي دنيا جا مسلمان اهو پڪو ارادو ڪن ته اسان ڪشميري ۽ فلسطيني ڀائرن کي آزادي ڏيارينداسين ته آئون الله تعاليٰ جو قسم کڻي چوان ٿو ته رب جي مدد سان هي ضرور آزادي ماڻيندا پر ان لا عملي ڪم ڪرڻو پوندو، رڳو نعرن، تقريرن ۽ مرثين سان نه پر عملي طور ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اڄ آئون پاڪستان جي وزيراعظم طور نه پر هڪ پاڪستاني طور بيٺل آهيان، اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري جيڪڏهن اسان فيصلو ڪري وٺون ته اسان کي ڪشميرين ۽ فلسطينن کي سندن حق ڏيارڻا آهن ته ان لا اسان کي سفارتي ڪوششون ڪتب آڻڻيون پونديون، ان سان ئي ڪشمير آزاد ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button