پاڪستان

مشرف جي دور ۾ چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو، ملڪ اندر ايمرجنسي ۽ ٻيا ڪلور

اڳوڻي ڊڪٽيٽر جنرل (ر) پرويز مشرف پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لا ملڪ ۽ عوام سان وڏا ڪلور ڪيا، سندس دور ۾ آئين معطل ڪيو ويو، هن نواز شريف جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو، 12 مئي تي ٿيل قتلام، اڪبر بگٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جا واقعا به ڪير وساري نه سگهندو. پرويز مشرف 1964ع ۾ پاڪ فوج ۾ شامل ٿيو هو، ڊگهي ملازمت بعد کيس 7 آڪٽوبر 1998ع تي چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويو. 12 آڪٽوبر 1999ع تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري چيف ايگزيڪيوٽو بڻيو ۽ بعد ۾ هڪ ريفرنڊم ذريعي باضابطا طور صدر چونڊيو ويو. 2004ع ۾ آئين ۾ 17هين ترميم ذريعي پرويز مشرف کي وڌيڪ 5 سالن لاءِ وردي وارو صدر چونڊيو ويو، پرويز مشرف 18 آگسٽ 2008ع تي استعيفيٰ ڏئي ملڪ مان فرار ٿي ويو. سندس اقتدار دوران بلوچستان ۾ آپريشن، اڪبر بگٽي جو قتل، ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين ججن کي غير فعال ڪرڻ، وڪيلن جي تحريڪ خلاف تشدد جو استعمال، دهشتگردي خلاف آمريڪا جي جنگ جو حصو بڻجڻ، لال مسجد آپريشن، محترمھ بينظير ڀٽو کي چونڊ مهم دوران راولپنڊي ۾ شهيد ڪرڻ، ڪراچي ۾ 12 مئي تي قتلام ۽ ٻيا انيڪ واقعا پيش آيا، جنهن جو اثر ملڪ ۾ اڄ تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ برقرار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button