اسلام آبادپاڪستان

اڳوڻو آمر پرويز مشرف بيماري جي بستري تي وفات ڪري ويو

ملڪ جو اڳوڻو آمر ۽ وردي ۾ صدر رهندڙ جنرل (ر) پرويز مشرف ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد 79 ورهين جي ڄمار ۾ دبئي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، پنهنجي وقت جو زور آور ڊڪٽيٽر بيماري سبب دبئي جي آمريڪن نيشنل اسپتال ۾ ڪيترن ئي مهينن کان داخل هو، جتي سندس علاج هلي رهيو آهي، خانداني ذريعن موجب پرويز مشرف جو مڙهه پاڪستان آندو ويندو ۽ ڪراچي يا اسلام آباد ۾ سندس تدفين ڪئي ويندي. پرويز مشرف لڳ ڀڳ 9 ورهين (1999ع کان 2008ع) تائين آرمي چيف رهيو، هو 2001ع ۾ پاڪستان جو ڏهون صدر بڻيو ۽ 2008ع جي شروعات تائين ان عهدي تي رهيو، سال 1999ع ۾ فوجي بغاوت کانپو اقتدار سنڀاليندڙ پرويز مشرف 2016ع ۾ علاج ڪرائڻ لا ضمانت حاصل ڪرڻ بعد يو اي اي ۾ ترسيل هو. گذريل سال جون ۾ اڳوڻي آمر جي گهرڀاتين هڪ بيان ۾ چيو هو ته پرويز مشرف صحت خراب هجڻ ڪري ان مرحلي تي آهي جتي سندس ٺيڪ ٿيڻ ممڪن ئي ناهي ۽ سندس عضوا ڪم ڪرڻ ڇڏي رهيا آهن، گهرڀاتين مطابق اڳوڻو فوجي صدر ايمي لوئيڊوسز نالي بيماري ۾ مبتلا هو، جنهن ۾ جسم اندر پروٽين جا ماليڪيول ناڪارا ٿي ويندا آهن ۽ مريض جي جسم جا مک عضوا متاثر ٿيندا آهن، اڪثر ماڻهن ۾ ان بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ بعد ايميلوئيڊ پروٽين بڪين ۾ ٺهڻ شروع ٿي ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گڙدا فيل ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي، ڊاڪٽرن اها بيماري لاعلاج پڻ قرار ڏني آهي. پرويز مشرف پنهنجي ڊڪٽيٽرشپ دوران پاڪستان ۾ آئين کي غير قانوني طور معطل ڪري ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ملوث قرار ڏنو ويو، سندس اقتدار جي عروج جي 20 سالن بعد جڏهن پرويز مشرف پرڏيهه ۾ موجود هو ته عدالت کيس آئين سان بغاوت جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي. ٻئي طرف اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو مڙهه پاڪستان آڻڻ لا اڄ خاص جهاز يو اي اي موڪليو ويندو، جنهن بعد اڄ شام يا سڀاڻي صبح جو سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ جو امڪان آهي، گهرڀاتين پرويز مشرف جي تدفين اباڻي وطن پاڪستان ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گهڻا امڪان اهي آهن ته کيس ڪراچي ۾ پنهنجي والد جي پاسي ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويندو. ايڪسپريس نيوز مطابق پرويز مشرف جي تدفين ڪراچي يا اسلام آباد ۾ ڪرڻ بابت صلاح مشورو جاري آهي، جنازي نماز ۽ تدفين جي حوالي سان ملڪ جي اعليٰ قيادت ۽ ٻيون اختياريون پرويز مشرف جي گهرڀاتين سان رابطي ۾ آهن، گهرڀاتين طرفان حتمي فيصلو ڪرڻ بعد تدفين جي هنڌ بابت آگاهه ڪيو ويندو ۽ جنازي نماز جا انتظام ڪيا ويندا. واضح رهي ته اڳوڻو آمر جنرل (ر) پرويز مشرف 11 آگسٽ 1943ع تي دهلي ۾ پيدا ٿيو. هن ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ۽ ايف سي ڪالج لاهور مان تعليم حاصل ڪئي. بعد ۾ هن پاڪ فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪيو. هن 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين ۾ به حصو ورتو. هو 1998ع ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جي عهدي تي فائز ٿيو. بعد ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي تي به سندس مقرري ٿي. ان کان اڳ به هو پاڪ فوج ۾ مختلف اعليٰ عهدن تي فائز رهيو. هن آڪٽوبر 1999ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو بڻجي ويو. جنرل (ر) پرويز مشرف 12 آڪٽوبر 1999ع تي چيف ايگزيڪيوٽو جو عهدو سنڀاليو. جنرل (ر) پرويز مشرف 2001ع ۽ 2008ع دوران پاڪستان جو صدر رهيو. آگسٽ 2008ع ۾ صدارت تان استعيفيٰ ڏيڻ بعد پرڏيهه هليو ويو. بعد ۾ مختصر مدو پاڪستان ۾ رهڻ بعد ٻيهر پرڏيهه هليو ويو. هن 2010ع ۾ آل پاڪستان مسلم ليگ جو پڻ بنياد رکيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button