شوبز

سنڌ هائي ڪورٽ ۾ دانيا شاهه جي گرفتاري خلاف درخواست رد

سنڌ هائي ڪورٽ مذهبي اسڪالر ۽ ٽي وي ميزبان عامر لياقت علي جي ٽين زال دانيا شاهه جي گرفتاري خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق عامر لياقت جي ٽين زال جي نامناسب وڊيوز ليڪ ڪيس ۾ پنهنجي گرفتاري سنڌ هائي ڪورٽ ۾ چيلنج ڪئي هئي، جنهن کي عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد رد ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻڌل ڊويزن بينچ دانيا شاهه جي وڪيل لياقت گبول پنهنجي موڪلا دانيا شاهه جي لوڌران مان ڪيل گرفتاري غيرقانوني ڄاڻائي چيلنج ڪئي هئي، جنهن ۾ هن دليل ڏنو تھ گرفتاري وقت قانوني گهرجن کي پورو نھ ڪيو ويو هو. عدالت درخواست تي فيصلو گذريل ڏينهن ڏنو، جيڪو هاڻ ٻڌائي ڇڏيو آهي. عدالت قرار ڏنو تھ جوابدار خلاف ڪيس جو چالان جمع ٿي ويو آهي، هي مداخلت جو معاملو نھ آهي، پر ايف آئي اي نوٽس باوجود ڪاروائي نھ ڪئي، تنهنڪري ٽرائيل ڪورٽ ان خلاف ڪاروائي ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button