شوبز

سجاد علي جي ڀيڻ آهيان، پني زندگي گذاريان پئي: عورت جي دعوا

پاڪستان جي مشهور راڳي سجاد علي جي ڀيڻ هجڻ جي دعوا ڪندي بشرا اختر نالي عورت چيو آهي تھُ سجاد علي جي ڀيڻ آهيان، پر خراب معاشي حالتن سبب خيرات وٺي يا پني زندگي گذاريان پئي. ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ استاد بڙي غلام علي منهنجي والد جو ادا هجڻ ناتي منهنجو بھ ڏاڏو ٿئي ٿو، تنهنڪري مان ان جي پوٽي آهيان، سجاد علي اهڙي رشتي سبب ادا آهي. هن چيو تھ ميان قادر بخش جي خاندان سبب اسان گائيڪي جي دنيا ۾ پير نھ رکيو هو، پر بڙي غلام علي جي خاندان راڳ سان نڀايو آهي. هن چيو تھ سجاد علي مون سان ملڻ چاهي ٿو، کيس اسان جي گهر بابت ڪا خبر ناهي، مان ڄاڻان ٿي تھ هو مهربان انسان آهي. هن ٻڌايو تھ روڊن تي خيرات وٺي پني زندگي گذاري رهي آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button