
پاڪستان جي اداڪار جوڙي حرا خان ۽ ارسلان خان جي شادي جي رسمن واريون تقريبون جاري آهن، جن ۾ جوڙي گڏجي ڊانس ڪئي آهي، جنهن جون وڊيوز لاڳيتو وائرل ٿي رهيون آهن. ميڊيا مطابق حرا خان پاران ڪجهه ڏينهن اڳ ارسلان کي منفرد انداز ۾ شادي جي آڇ ڪئي، جنهن بعد سندن شادي جون رسمون جاري آهن، پر جوڙو انتهائي دلچسپ انداز سبب مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.