شوبز

صدارتي ايوارڊ مليل مشهور لوڪ راڳي بشير بلوچ وڇڙي ويو

بلوچستان سان تعلق رکندڙ صدارتي ايوارڊ مليل مشهور لوڪ راڳي بشير بلوچ پنهنجي مداحن کان وڇڙي ويو آهي. ميڊيا مطابق بلوچي ٻولي جو راڳي بشير بلوچ گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هجڻ دوران وفات ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي بشير بلوچ جي پٽ محمد رضا والد جي وفات جي تصديق ڪئي ۽ چيو تھ سندس تدفين ڪوئٽا جي اخوند بابا قبرستان ۾ ڪئي وئي آهي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي قدوس بزنجو پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو چيو آهي تھ بشير بلوچ بلوچي گائيڪي ۾ مقام حاصل ڪيو، هو دنيا ۾ پاڪستان جي تمام وڏي سڃاڻپ هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button