پاڪستان

آرمي چيف يو اي اي پهچي ويو، صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات

آرمي چيف جنرل عاصم منير گڏيل عرب امارات جي دوري تي پهچي ويو آهي. آ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل عاصم منير سرڪاري دوري تي يو اي اي ۾ موجود آهي. يو اي اي پهچڻ تي متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان آرمي چيف جو استقبال ڪيو، جنهن بعد پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير يو اي اي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ، علائقائي صورتحال، ٻطرفي سهڪار ۽ ٻنهي مُلڪن جي گڏيل مفادن وارن معاملن تي ڌيان ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button