پاڪستانپنجاب

ننڪانا صاحب ۾ هجوم توهين مذهب الزام ۾ گرفتار شخص کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو

پنجاب جي شهر ننڪانا صاحب ۾ مڇريل هجوم توهين مذهب جي الزام هيٺ حراست ۾ ورتل شخص کي پوليس کان ڇڏرائي سخت تشدد ڪري ماري ڇڏيو، اهلڪار ٿاڻو ڇڏي ڀڄي ويا، صوبائي سرڪار غفلت ڪرڻ تي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. مليل ڄاڻ موجب توهين مذهب جي الزام هيٺ آيل هجوم هٿان 35 ورهين جي شخص جي قتل جو واقعو ننڪانا صاحب جي واربرٽن تعلقي ۾ پيش آيو، جتي پوليس مقتول شخص جو نالو وارث ٻڌايو آهي. واقعي بابت سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته واربرٽن ٿاڻي جي ٻاهران مڇريل ماڻهو هجوم جي صورت ۾ گڏ ٿيا، جيڪي پوليس کان توهين مذهب جو جوابدار ٻاهر آڻڻ جو مطالبو ڪن ٿا، پوليس اهلڪار قانون مطابق ڪارروائي لا ماڻهن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪاوڙيل ماڻهن اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ڪجهه ماڻهو ٿاڻي جي گيٽ مٿان خالي ڇڏيل جا مان اندر گهڙي ٿاڻي جو در کولي ڇڏيو ۽ ٻين ماڻهن وڏي انگ ۾ اندر داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي. آر پي او شيخوپورا بابر سرفراز الپا بي بي سي کي ٻڌايو ته گرفتار شخص تي پاڪ ڪتاب جي توهين جو الزام هو، جنهن کي ماڻهن پڪڙي هڪ هنڌ تي بند ڪري ڇڏيو ۽ پوليس اطلاع ڏنو ويو، جڏهن ته علائقي ۾ توهين مذهب ٿيڻ بابت اعلان ڪري پڙها ڏياريا ويا. هن چيو ته پوليس قانوني گهرجون پوريون ڪري هجوم سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي پر ماڻهو ويتر مڇرجي پيا ۽ گرفتار شخص کي ٿاڻي مان ڇڏائي ٻاهر وٺي وڃي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو، في الحال وڊيوز جي مدد سان ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري رهيا آهيون، جنهن بعد گرفتاريون ڪيون وينديون. آر پي او ٻڌايو ته پوليس ان کان اڳ 2019ع ۾ به ساڳئي جوابدار کي توهين مذهب جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو پر هو جون 2022ع ۾ آزاد ٿي ويو هو. علائقي واسين الزام لڳايو آهي ته جوابدار اڳوڻي زال جي تصوير پاڪ ڪتاب جي ورقن تي لڳائي جادو ٽوڻو ڪندو هو، جوابدار 2 سال جيل ڪاٽڻ بعد واپس آيو هو. ٻئي طرف آ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور ننڪانا صاحب ۾ شهرين طرفان توهين مذهب الزام هيٺ جوابدار کي تشدد ۾ قتل ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ننڪانا صاحب سرڪل نواز ورڪ ۽ ايس ايڇ او واربرٽن فيروز ڀٽي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. نگران وڏي وزير محسن نقوي هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي هر پاسي کان جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ قانون هٿ ۾ کڻندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button